عبدالملڪ بن مروان

عبدالملڪ بن مروان: بن مروان'>عبدالملڪ بن مروان، اموي خلافت جو ٻيو باني هو. هيءُ اموي خاندان جي چوٿين خليفي مروان ابن الحڪم جو پٽ هو. سندس جنم 26هه/ 646ع ۾ ٿيو. عبدالملڪ پنهنجي والد مروان جي وفات بعد تخت نشين ٿيو. ان وقت سندس عمر 39 سال هئي. هن گهڻو وقت مديني شريف ۾ گهاريو. جنهن سبب وڏن عالمن کان فيض پرايائين. سندس خلافتي دور 65 هه کان 86 هجريءَ تائين رهيو. اهو وقت اموي خلافت ۾ وڏي اهميت جو حامل هو. سندس دور حڪومت ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ سميت، اسلامي فتحن جو آغاز پڻ ٿيو. ‘تاريخ الخلفاء’ ڪتاب ۾ علامه سيوطي لکي ٿو ته: “حضرت نافع فرمايو ته مان بن مروان'>عبدالملڪ بن مروان جهڙو چالاڪ، دانشمند، فقيهه عالم ۽ قرآن پاڪ ۽ حديث پاڪ جو ڄاڻو نوجوان نه ڏٺو.” عبدالملڪ هر سال بيت الله شريف جي غلاف لاءِ ديبا جو ڪپڙو ۽ ۽ مسجد نبويءَ لاءِ عود ۽ خوشبوءِ موڪليندو هو. هن 65 هه ۾ دمشق ۾ جامع مسجد جوڙائي ۽ ڪيترين مسجد جي مرمت ڪرائي، ڪعبة الله شريف کي جنگ جي دوران وڏو نقصان رسيو هو. ان کي ڊهرائي نئين سري جوڙايائين. 80 هه ۾ جڏهن مڪي شريف ۾ ٻوڏ آئي ته سموري آبادي ٻوڏ جو شڪار ٿي، ان دوران عبدالملڪ مڪي جي وهندڙ نين کي وڏا بند ٻڌرايا ته جيئن جيلن تان تيز ڪِرندڙ پاڻي برسات جي موسم ۾ ٻوڏ جو سبب نه بڻجي. هن دفتري ٻولي عربيءَ کي رائج ڪري ترقي وٺرائي، ۽ ان جي اشاعت ۾ واڌارو ڪيو. عبدالملڪ کان اڳ رومي، ايراني ۽ قطبي سڪن سان وڻج واپار ڪيو ويندو هو. پر عبدالملڪ پنهنجي حڪومت جو سڪو رائج ڪيو. جنهن تي ڪلمات اُڪرايا ويا. عبدالملڪ رستن تي مسافرن لاءِ مسافرخانا ٺهرايا ۽ گهوڙن تي ٽپال جو سلسلو جاري ڪيو، جنهن لاءِ رستا به ٺهرايائين. هن حضرت سعيد بن مسيب رضه کان قرآن پاڪ جو عربيءَ ۾ تفسير پڻ لکرايو. هن 8 آڪٽوبر 705ع تي 59 سالن جي ڄمار ۾، هاڻوڪي اسرائيل جي شهر سنابرا ۾ وفات ڪئي.


لفظ عبدالملڪ بن مروانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو